ڪڍڻ( ن پ ا) ڪڍڻ لڳ ٻھڊمي روڊ ڀرسان ڳوٺ فقير ڪرم علي جت مان ڪجھه ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 18 مھينن جي نينگر  جا وونئڻ جي فصل مان جانور پاران کاڌل عضوا ۽  ڪپڙا ھٿ آيا آهن، ڪڍڻ پوليس سرزمين تي پھچي عضوا گڏ ڪري ضروري ڪاروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ ڳوٺ فقير ڪرم علي جت مان پنج ڏينھن اڳ رات جي وقت بستري تي ستل 18 مھينن جو ٻارڙو رضا محمد پٽ محمد يوسف جت پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو، ڪالهه ڳوٺ جي ڀرسان وونئڻ جي فصل مان سندس عضوا هٿ آيا آهن، ڪنهن نامعلوم جانور پاران کاڌل ٻارڙي جي ٽنگ، کوپڙي ۽ ڪپڙا مليا آھن. جنھن جو اطلاع ڪڍڻ پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جانور جا کاڌل عضوا گڏ ڪري ضروري ڪاروائيءَ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، ٻارڙي جا عضوا ملڻ بعد ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آھي، نينگر جي پيء محمد يوسف جت ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان ٻارڙي جي گم ٿيڻ کان مسلسل ڳولھا ۾ ھئاسین پر اسان کي ٻار جو ڪٿان بہ ڪو نشان ملي نہ سگھيو اڄ وونئڻ جي فصل مان ڪنھن جانور پاران سندس کاڌل عضوا ۽ ڪپڙا مليا آھن. اسان پوليس کي اھڙو اطلاع ڏنو آھي اسان جي ڪنھن سان ڪابہ ذاتي دشمني ناھي نہ وري ڪا ڪاروائي ڪرائڻ چاھيون ٿا.