ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي سپر اسٽار همايون سعيد کي نئين هالي ووڊ ويب سيريز “دي ڪرائون” ۾ بولڊ سين ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. 9 نومبر تي رليز ٿيندڙ نيٽ فلڪس جي سيريز “دي ڪرائون” ۾ همايون سعيد برطانيه جي شهزادي ڊيانا جي محبوب ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر حسنات احمد خان پاڪستاني ڄائو برطانوي شهري هو جنهن بابت چيو ويندو آهي ته هن سان ليڊي ڊيانا محبت ڪندي هئي ۽ ٻنهي وچ ۾ گهري دوستي هئي. ليڊي ڊيانا هن کي “مسٽر ونڊرفل” جي نالي سان سڏيندي هئي. همايون سعيد جي دي ڪرائون ۾ اداڪاري کي جتي ساراهيو پيو وڃي اتي هن کي بالي ووڊ هيروئن سان بولڊ سين ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي تبصرا به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن پاڪستاني واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اسان نه سوچيو هو ته همايون پنهنجي هالي ووڊ سيريز ۾ ئي ايئن ڪندو. واضح رهي ته دي ڪرائون جي پنجين سيزن ۾ ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪندڙ همايون سعيد ليڊي ڊيانا جو ڪردار ادا ڪندڙ هالي ووڊ ادڪارا سان وڌندڙ ويجهڙائپ ۽ بولڊ سين فلمايو ويو آهي جنهن کانپوءِ همايون سعيد جو نالو ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي.