لاهور(اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ وويمنز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي پهرين ٽي 20 ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ وويمنز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽي 20 ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنز ٺاهيون. ندا ڊار 61 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، عاليا رياض 24 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. آئرلينڊ طرفان اورلا پرينڊرگاسٽ 10 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، ۽ 39 رنز پڻ ٺاهيون. آئرلينڊ جي ٽيم 18.4 اوورن ۾ 4  وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. پرينڊرگاسٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.