ميلبرن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته بلين ڊالرز انڊسٽري واريون ٽيمون پوئتي رهجي ويون پاڪستان اڳتي نڪري ويو. ميلبرن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته ٽيم هيٺ مٿي ٿيندي رهندي آهي. پهرين ٻن ميچز ۾ شڪست کانپوءِ اهو سمجهيو پيو وڃي ته اسان ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وياسين پر ٽيم سڀني کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. رميز راجا وڌيڪ چيو ته هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان اڳتي نڪري ويو ۽ بلين ڊالرز واريون ٽيمون پوئتي رهجي ويون. ڪجهه ته اسان ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، ماڻهو ٽيم جي پرفارمنس کي انجواءِ ڪن ۽ احترام به ڪن. مداحن کي هن ٽيم مان گهڻيون اميدون آهن.