لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني جي مشهور شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ميرا کي دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ ماهرا خان جي پنجابي نه وڻي. اداڪارا ميرا پنهنجي گلابي انگريزي سبب ميڊيا تي ڇانيل رهندي آهي تازو هن انٽرويو ۾ فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ جون تعريفون ڪندي چيو ته مونکي فلم ڏاڍي پسند آئي. هن فلم جي تعريف ڪندي مک ڪردار ادا ڪندڙ فواد خان جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته اداڪارا ماهرا خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته ماهرا خان کي ڏٺو پر سندس پنجابي ڳالهائڻ جو انداز پريشان ڪندڙ هو، هن سوشل ميڊيا واهپيدارن کان به سندن راءِ گهري ته ڇا اوهان کي نٿو لڳي مان ماهرا کان بهتر پنجابي ڳالهائي سگهان ٿي؟ ماڻهو ٻڌائن ته ڇا مان ماهرا خان کان بهتر ڪم نٿي ڪري سگهان؟