جيڪب آباد/دوداپور (نمائندن وٽان) ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب الله سناڻي ۾ سناڻي برادري جي ٻن ڌرين ولهاري سناڻي ۽ اڪبر سناڻي ڌرين ۾ رستي جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو. گوليون  لڳڻ سبب ولهاري ڌر جو سليم سناڻي ۽ مهراب سناڻي موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ڇٽا خان ۽ بلند سناڻي شديد زخمي ٿي پيا جن کي وارثن علاج لاءِ تعلقي اسپتال ڳڙھي خيرو منتقل ڪيو. رابطو ڪرڻ تي مقتولن جي سئوٽ الياس سناڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جا ماڻھو رونبو ڪري واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته تاڙ ۾ ويٺل اڪبر سناڻي ۽ سندس ساٿين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ اسان جا 2 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿيا آھن.جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ تائين مقتولن جا لاش جاءِ واردات  پيل هئا ڪيترن ڪلاڪن کانپوءِ حد پوليس جاءِ واردات تي پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو منتقل ڪيا رابطو ڪرڻ تي ميرانپور پوليس ٻڌايو جيئن اطلاع مليو ته پهتاسين جوابدار فرار ٿي ويا.