ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر جون 4 وارداتون، آن لائين ڊليوري رائيڊر قتل، اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا زخمي ، ان ڏس ۾  گلشن معمار واري علائقي ۾ افغان ڪٽ وٽ ڦورن ڦر دوران مزاحمت تي آن لائن ڊليوري رائيڊر کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعو رات جو 4 وڳي پيش آيو، آن لائين ڊليوري رائيڊر جي سڃاڻپ 38 ورهين جي شهاب بھادر پٽ شير افضل خان طور ٿي، ٻئي طرف سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل وٽ هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت تي نور خان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾مڇر ڪالوني ۾ هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت تي فاروق پٽ ادريس کي گولي هڻي زخمي ڪيو. ٻئي طرف نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر فائيو سي ٽو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ عادل محمود زخمي ٿي پيو. پوليس موجب عادل جي پوسٽنگ گلبرگ انويسٽيگيشن ۾ آهي، هٿياربندن کيس ڦر دوران مزاحمت تي گولي هڻي زخمي ڪيو.