راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي بچاءَ واري وزير جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ساراهيو ويو ۽ لاڳاپا جاري رکڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ويو. جڏهن ته آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته اوورسيز اڏن جي امڪانن تي ڪي به تازا تفصيل ناهن، اِهو سفارتي بحث آهي جيڪو جاري آهي ۽ مڪمل ناهي ٿيو. پينٽاگون چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي آپشنز کي ڏٺو پيو وڃي، اوور سيز بيسز انهن مان هڪ آپشن آهي، ان تي وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. آمريڪي ميڊيا موجب پينٽاگون افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، 11 سيپٽمبر جي بدران جولاءِ جي وچ تائين فوجين کي ڪڍڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.