ڪابل (م ڊ) افغان طالبان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ڪارروائين لاءِ اسان جي پاڙي ۾ موجود رهڻ چاهي ٿو، پاڙيسري ملڪن کان مطالبو آهي ته ڪنهن اهڙو قدم کڻڻ ۽ موقعو ڏيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا اسان جي ملڪ ۾ ڪارروائي لاءِ پاڙي ۾ رهڻ چاهي ٿو،جيڪڏهن آمريڪا کي اڏا ٺاهڻ ڏنا ويا ته اها وڏي غلطي هوندي، طالبان اهڙي عمل خلاف خاموش نه ويهندا.