لاڙڪاڻو/نئون ديرو (نمائندن وٽان) وفاق پاران سنڌ کي حصي جو گهربل زرعي پاڻي فراهم نه ڪرڻ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي پاران لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي لاهوري ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو، نئون ديرو ۾ اعجاز احمد لغاري، نثار مراد ڀٽو، منصور سومرو، توفيق ڀٽو، لالا نظر پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ليڊيز ونگ اڳواڻ آمنه جمالي، انور علي نواز لهر، عمران حسن جتوئي ۽ ٻين چيو ته وفاق سنڌ سان ٻه اکيائي ڪندي سنڌ کي حصي جو گهربل پاڻي فراهم ناهي ڪيو، جنهن ڪري سنڌ جون زمينون سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته وفاق طرفان وسيلن تي قبضي بعد سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آهي، وفاق پاڻي جي معاملي تي سنڌ ۽ بلوچستان سان هن سال وڏي ناانصافي ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي حصي جو گهربل پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.