دليپ ڪمار جي جنازي نماز ۾ صرف 20 ماڻھو شريڪ ٿيندا

0
389

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ليجنڊ اداڪار يوسف خان المعروف دليپ ڪمار جي جنازي نماز ممبئي ۾ ادا ڪئي ويندي، جنازي نماز ۾ صرف مخصوص ماڻھن کي شرڪت جي اجازت ھوندي، دليپ ڪمار 98 ورھين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز شام ممبئي ۾ ادا ڪئي ويندي، ڀارت ۾ عالمي وبا ڪورونا جي صورتحال خراب ھجڻ ڪري ليجنڊ اداڪار جي جنازي نماز ۾ صرف مخصوص ماڻھن کي شرڪت جي اجازت جو فيصلو ڪيو ويو آھي، مقامي انتظاميا موجب دليپ ڪمار جي جنازي نماز ۾ صرف 20 ماڻھو ئي شرڪت ڪري سگھندا، ڪجھ ويجھا ماڻھو ئي يوسف خان جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿي سگھندا.