اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجيٽ دستاويز مطابق دفاعي خرچن لاءِ ڪل 1804 ارب رپيا ايندڙ مالي سال دوران خرچ ٿيندا، جنهن ۾ ملازمن جي پگهارن جا خرچ 705 ارب رپيا، آپريٽنگ خرچن جي مد ۾ 442 ارب، فزيڪل خرچن جي مد ۾ 461 ارب، سول ورڪ جي مد ۾ 195 ارب جڏهن ته ڊفينس ايڊمنسٽريشن جي خرچن جي مد ۾ 5 ارب رپيا خرچ ٿيندا.