اسلام آباد: وفاقي حڪومت نان فائلر تي 50 هزار کا وڌيڪ رقم بينڪ مان ڪڍرائڻ تي ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، ناڻي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ ۾ رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس لڳائڻ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جو اهم ذريعو آهي، نان فائلر پاران بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ کي دستاويزي ۽ ان جي ٽرانزيڪشن جا خرچ وڌائڻ لاءِ 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي 0.6 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته بينڪ مان 50 هزار رپيا ڪڍرائڻ تي 300 رپيا ٽيڪس ڀرڻو پوندو.