اسلام آباد(بيورورپورٽ) وفاقي بجيٽ ۾ يوناني دوائن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ليلامي (سيڪنڊ هينڊ) ڪپڙن تان ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته يوناني دوائن کي غريب طبقو استعمال ڪندو آهي، ان تي هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته سيڪنڊ هينڊ ڪپڙن جي وڪري تي لڳل 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي.