ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پنجاب وڃي پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي دعا زهره کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ ۽ سوشل ميڊيا توڙي ٽي وي چينلز تي سندس انٽرويوز نشر ڪرڻ خلاف سندس والد مهدي علي ڪاظمي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته دعا زهره پنهنجي انٽرويو ۾ پرڏيهه وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته دعا زهره کي ميڊيا کي انٽرويوز ڏيڻ ۽ ملڪ کان  ٻاهر وڃڻ کان روڪيو وڃي، درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دعا زهره کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هن چيو ته ظهير احمد جي بيان موجب  هو 3 سالن کان دعا سان رابطي ۾ هو، ان وقت دعا جي عمر 11 سال هئي. ظهير کي اها به خبر هئي ته دعا زهره پنهنجو گهر ڇڏي لاهور اچي رهي آهي.