سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ)  سجاول لڳ جاتي جي ڳوٺ عبدالله جت جو رهواسي پوليو ورڪر سومار جت پنهنجي 6 مهينن جي معصوم پٽ عزیز الله جت کي علاج لاءِ سول اسپتال سجاول  آندو،  انتظاميا نينگر کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر نينگر فوت ٿي ويو، فوتي ٻار جي والد سومار جت وٽ پٽ جو لاش گهر کڻي وڃڻ لاء اسپتال جي ايمبولينس ۾ پيٽرول ڀرائڻ جا پيسا نہ هئڻ ڪري ايمبولينس جي انتظاميا کان ايمبولينس ۾ لاش کڻڻ جي التجا ڪرڻ باوجود انهن لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب فوتي ٻار جو لاش ڪيتري ئي دير تائين اسپتال ۾ پيل رهيو، اطلاع تي ڊي ايچ او سجاول ڊاڪٽر احمد علي پليجو اسپتال پهتو ۽ عملي کان فوتي نينگر جي علاج ۾ ڪوتاهي جو تفصيل معلوم ڪيو  ۽  ايمبولينس جو تيل ڏنو جنهن بعد نينگر جو لاش وارث گهر کڻائي ويا.ان حوالي سان  فوتي نينگر جي والد  سومار جت ٻڌايو تہ منهنجي نينگر کي علاج لاءِ سول اسپتال کڻي پهتس تہ هتي علاج جي ڪابہ سهولت نہ ملي، جنهن سبب پٽ فوت ٿي ويو.