پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان باگڙي ۽ مري ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ  عورت سميت 13 ڄڻا زخمي. خبر موجب پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گجر باگڙيءَ ۾ باگڙي۽ مري ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب مري ڌر جا احسان الله، سڪندر، مشتاق، هادي بخش، آصف، رفيع الله، محمد يار ۽ عابد مري، جڏهن ته باگڙي ڌر جا راجا باگڙي، ارجن، جيوڻ، ڪنور ۽ عورت شيوا باگڙيزخمي ٿي پيا. ٻنھي ڌرين جي زخمين کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. باگڙي برادريءَ جي ماڻهن جو چوڻ ھو ته اسان پنهنجي گھرن ڀرسان خالي پلاٽ تي واش روم تعمير ڪرائي رھيا ھئا سين ته مري برادري جي ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪيو. جڏهن ته مري ڌر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته  اسان جي کاتي واري پلاٽ تي باگڙي برادريءَ جا ماڻهو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته اسان کين روڪيو، جنهن تان انهن لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آھي ته ٻنھي ڌرين پاران اين سيز داخل ڪيون ويون آهن. معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.