ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا زهره جو طبي معائنو ڪرائڻ بابت جاچ آفيسر  پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪندي   کيس 6 آگسٽ تي ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دعا جي مبينه اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل سندس مڙس ظهير ۽  ڏير ڀاءُ  شبير جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، عدالت دعا جو طبي معائنو ڪرڻ بابت جاچ آفيسر پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪڻ بابت لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو ته متاثر ٻارڙي جي مفاد ۾ جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، عدالت چيو ته جاچ آفيسر  دعا جي طبي معائني جي درخواست داخل ڏني ھئي، جاچ آفيسر جو خيال آھي ته ڪيس ۾ فوجداري  ضابطن جو سيڪشن 375 لاڳو ٿئي ٿو، تنھنڪري  طبي معائنو ڪرائڻ لازمي آھي، عدالت چيو ته ھن مرحلي تي طبي معائنو  ڪرائڻ سان متاثر ٻارڙي کي شرمندگي کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، انهي  کان اڳ درخواست جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جو ضمني چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي 6 آگسٽ تي ڪيس جو ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دعا جي مبينه اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل سندس مڙس ظهير ۽ ڏير شبير جي ضمانت واري درخواست تي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪندي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.