ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽائي جي عرس دوران مزار جي ڪٽھڙي ۾ ڪيترو نذرانو پيو ۽ ڪيڏانھن نڪري ويو؟ ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي، اوقاف کاتي جي عملدارن مزار جا دروازا بند ڪري ڪٽھڙي جي صفائي   ڪري ڪجھه به تفصيل ٻڌائڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  اوقاف عملدارن عرس ختم ٿيندي ئي صبح جو سوير مزار جا دروازا بند ڪري ڪٽھڙي جي صفائي  ڪري ورتي، نذرانو ڪيترو نڪتو آھي جي سوال تي عملدارن ڪجھه به ٻڌائڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ھر سال عرس دوران ڪٽھڙي ۽ پيتين مان لکين رپيا روڪ،  سون،  چاندي ۽ ٻيو سامان نذراني طور نڪرندوآھي، ٻي طرف اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر سنڌ عبدالغني مھر ٻڌايو ته آفيشلي طور تي ليٽر جاري ڪري ٽيم مقرر ڪئي ويندي آهي، جنھن بعد نذرانو ڪڍيو ويندو آھي، ھن وقت نذراني ڪڍڻ بابت مونکي وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه آھي، آئون جاچ وٺان ٿو.