`دادو/جوهي/سيوهڻ (نمائندن وٽان ) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ معمولي لاٿ، منڇر ۾ 22 فوٽ 4 انچ مان 2 ، انچن جي لاٿ کانپوءِ  22 فوٽ 2 ، انچ تي پهتي، وڏي وزير جي اباڻي ڳوٺ واهڙ مان 75 سيڪڙو پاڻي لهي ويو، ڪي اين شاهه جي 6 ڳوٺن مان به پاڻي نيڪال ٿي ويو، جوهي جي رنگ بند تي به دٻاءُ گهٽجي ويو، شهرين مان خوف ختم ٿي ويو. يوسي باجارا جو سيوهڻ سان زميني رابطو بحال ٿي ويو. پاڻي جو سنڌو ۾ تيزي سان ڇوڙ جاري آهي. مليل اطلاعن موجب ايل ايس بند کي ڪرمپور ۽ ٽلٽي لڳ ڳوٺ سهتا سامهون 3 ڪٽ ڏيڻ کانپوءِ ڀان سعيدآباد جي رنگ بند ۽ سيوهڻ جي پڪا چنا، واهڙ ، آراضي، بوبڪ  سميت 7 يوسيز ۾ بيٺل ٻوڏ جي پاڻي ۾ 4 کان 6 فوٽ لاٿ اچي وئي آهي ۽ وڏي وزير جي ڳوٺ واهڙ مان 75 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، باقي هيٺاهين وارن گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته خيرپور ناٿن شاھ جي ٿلهو، چنڊ سميت 6 ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، جتي زندگي معمول تي اچي وئي آهي، ڪي اين شاھ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ رڪارڊ لاٿ اچڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته سپريو بند کان ڪي اين شاھ جي وچ وارن ڳوٺن مان پاڻي 8 فوٽ مان گهٽجي 4 فوٽ کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، اهڙي طرح جوهي جي رنگ بند تان اڍائي فوٽ ۽ ڳوٺن مان پڻ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته جوهي ، ڀان روڊ تي ڏنل رنگ بند کي ڪٽ ڏيڻ سبب جوهي جي ڳوٺن ۾ 7 فوٽ جي سطح تائين بيٺل پاڻي ۾ 4 فوٽ جي لاٿ اچي وئي ۽ دادو جي پير شاهنواز ۽ يوسي يار محمد ڪلهوڙو جي ڳوٺن ۾ پهتل پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آهي.  جوهي نائين شاخ وٽ رنگ بند کان ڊگري ڪاليج مک گيٽ تائين جوهي دادو روڊ تان پاڻي لهي ويو آھي، شھر اندر ٻوڏ وارو خوف ختم ٿي ويو آھي، جڏهن ته جوهي شھر جي آس پاس ڳوٺن ۾ نو کان ڏھ فوٽ پاڻي آھي. ٻئي طرف سيوھڻ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان ڪالھه چار انچ پاڻي جي لاٿ اچڻ بعد سيوھڻ جي 7 يوسين جي ڳوٺن مان به 2 فٽ تائين پاڻي گھٽجي ويو آھي جڏھن ته ھوڏانھن سنڌو درياهه ۾ لاٿ اچڻ بعد منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ وارو پاڻي جو به سنڌو درياءَ ۾ وڏي تيز وھڪرن سان ڇوڙ جاري آھي. ٻئي طرف منڇر جي پاڻي ھيٺ اچڻ بعد سيوھڻ جي ٻن يوسين جھانگارا ۽ باجارا جو سيوھڻ سان جيڪو زميني رابطو ڪٽجي ويو ھو ان مان ڪالھه لھي وڃڻ بعد ھڪ يوسي باجارا جو سيوھڻ سان زميني رستو بحال ٿي ويو آھي. جڏھن ته جھانگارا واسي ٻوڏ متاثر اڃا تائين زميني رستو سيوھڻ سان ڪٽيل ھجڻ سبب اچ وڃ لاء ڏکيائين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن.