پنگريو (ن پ ا) پنگريو گرڊ اسٽيشن کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، پاڻي 66 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جي گرڊ اسٽيشن جي او سي پي جي ويجھو پھچڻ بعد رنگ بند تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي،  واضح رھي ته  پنگريو ڀرسان 4 آر سم نالي کي  50فوٽ گھارو لڳڻ کانپوءِ  پاڻي گرڊ اسٽيشن ڀرسان باءِ  پاس وٽ پھچي ويو ھو، جنھن کي جڏھن رنگ بند ڏيڻ لاءِ  ايڪسيويٽر مشين پھتي  ته مختلف برادرين پاران رنگ بند ۾ رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد  اي سي ٽنڊوباگو پوليس نفري سان گرڊ اسٽيشن پھچي باءِ  پاس وٽان رنگ بند جو ڪم شروع ڪرايو.