نئون ڳوٺ (ن پ ا) درگاھ سعدي موساڻي تان ڳوٺ ٺارو شاھ مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري ماجدا سولنگي کي نئون ڳوٺ پوليس ھٿ ڪري وومين پروٽيڪشن سيل دادو حوالي ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي نئون ڳوٺ ٿاڻي تي موجود اي ايس آء محمد خان سولنگي ٻڌايو ته ھٿ آيل ماجدا جي ٺارو شاھ ٿاڻي تي سندس وارثن اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ھئي، اسان کي ڇوڪري شھر مان اڪيلي ھٿ آئي آھي، جنهن کي وومين پروٽيڪشن سيل دادو حوالي ڪيو آھي جتان اڄ کيس کي سيشن ڪورٽ دادو ۾ بيان لاء پيش ڪيو ويندو.