پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي پوليس پاران عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف ويندڙ جيڪب آباد واسي ٻن نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ 2 نوجوانن قادر بخش سومرو ۽ مبين دايو کي عورتاڻي آواز تي اغوا ڪرڻ لاءِ گھرايو پئي ويو، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته اطلاع ملندي ئي بائجي پوليس ٻنھي نوجوانن سان رابطو ڪري کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، ٽيڪنيڪل رپورٽ موجب ٻنھي نوجوان کي تيغاڻي گروپ جي ڏوھارين پاران عورتاڻي آواز تي شادي جو لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي آهي .