ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ويجھو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي ٿرڙي محبت جي وارڊ ٽئي مٺو ماڇي ۾ ارڙهن ورهين جو نوجوان دلدار پٽ علي خان سولنگي روڊ تي ويٺو هو ته سامهون ايندڙ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، کيس وارثن لاڙڪاڻي اسپتال پهچايو جتي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر جڏهن گهر پهتي ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. فوتي ٻه مهينا اڳ شادي ڪئي هئي، جنهن جي هٿن تا اڃا تائين ميندي به نه لٿي هئي. ٿرڙي محبت ٿاڻي تي علي خان سولنگي جي فرياد تي دانش پٽ عبدالجبار جمالي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته خبر موڪلڻ تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.