پکو (ن پ ا) پکو ۾ صحافي تي وڏيري جو مبينا وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل، 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل. خبر موجب ڳوٺ الھڏنو تنيو ۾ بااثر وڏيري رياض تنيو ساٿين سان گڏجي مقامي صحافي نواب تنيو کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن بعد بااثر وڏيري سميت پنجن ڄڻن خلاف پکو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي آھي، صحافي ٻڌايو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري بنا جواز تشدد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته سندس قصور رڳو ڳوٺ جي غريبن لاءِ آواز اٿارڻ آهي. هن چيو ته وڏيرن ڳوٺ ۾ پنھنجي گھرن ڀرسان زمين تي قبضو ڪيو، جنھن جي مون مخالفت سان گڏوگڏ قانوني رستو پڻ اپنايو، جنھن تي هنن مڇرجي سخت تشدد ڪيو، واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بااثرن پاران پاڻي جي کڏ تي قبضي خلاف دانهڻ سبب صحافي کي تشدد جو نشانو بڻايو.