دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ٻيرڪي ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش، اين سي داخل، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻيرڪي ۾ 9 ورهين جي  فاطمه آرائين سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻارڙي جي ڀيڻيوي عمر فاروق آرائين ٿاڻي تي پهچي زبير آرائين خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، ان حوالي سان عمر فاروق ٻڌايو ته اسان جي معصوم ٻارڙي  دڪان تي شئي وٺڻ وئي ته دڪان اندر زبير آرائين ساڻس زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙي جي رڙين تي پاڙيوارا پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو، ٻي طرف الزام هيٺ آيل نوجوان جي ڀاءُ ڪاشف آرائين ٻڌايو ته اسان خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڀاءُ تي ڪوڙا الزام هنيو ويو آهي.