عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ اسپتال ۾ ڳوٺ ٻوڙا ٻاھ جي رھواسڻ 4 ٻارن جي ماءُ 25 ورهين جي  امينت زال اسلام راھمون ويم دوران فوت ٿي وئي، وارثن  مهراڻ ميڊيڪل سينٽر جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اسلام راهمون، مٺن راهمون، اسماعيل راهمون ۽ ٻين  چيو ته ڊاڪٽرياڻي عورت کي  ڊليوري واري انجيڪشن لڳائي گهر هلي وئي،  جنهن بعد 6 ڪلاڪ گذري ويا پر ڊاڪٽرياڻي نه پهچڻ جي عورت  تڙپندي رهي، جنهن دوران  صفائي واري ماسي  عورت جو ويم  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب اسان جي عورت امينت راهمون فوت ٿي وئي آهي، هنن چيو ته   امينت راهمون جون سڀ رپورٽون نارمل هنيون، ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب اسان جي عورت فوت ٿي آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.