ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ڪارڪن محمد عالم ٻگهيو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف  ايس يو پي ڪارڪنن جو احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سوين ڪارڪن اسٽيشن چوڪ کان احتجاجي مارچ ڪري المدينا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي خدابخش ٿيٻو، ڪامريڊ شمشاد ميڻو، عاشق ٻگهيو، فياض سومرو، سلام لاشاري ۽ ٻين چيو ته عالم ٻگهيو پر امن سياسي ڪارڪن کيس گذريل ڏينهن اکين تي ٻٽ ٻڌل نامعلوم ماڻهو خورشيد چوڪ وٽان پنهنجي هوٽل تي ويٺل هئو ته کيس بنا جواز چڙهائي ڪري کيس کنڀي گم ڪيو ويو آھي هنن چيو ته عالم ٻگهيو ايس يو پي جو جاکوڙي اڳواڻ آھي اهڙي حرڪت ڪري نفرت پکيڙي پئي وڃي ٻن ڏينهن کان عالم ٻگهيو جا گهرڀاتي ۽ ايس يو پي قيادت سڄي پريشان آھن، ايس ايس پي سميت اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته عالم ٻگهيو کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.