ڪراچي: عامر لياقت جي گھرواري دانيا  شاهه جي مشڪلاتن ۾ اضافو، سندس خلاف ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست داخل، ڪالهه سيشن ڪورٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ سماجي تنظيم طرفان ايڊووڪيٽ عامر جميل ورڪ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ دانيا شاهه ۽ ايف آءِ اي سائبرڪرائيم کي  ڌر بڻايو ويو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته دانيا عامر لياقت جون  نجي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري غلط حرڪت ڪئي ، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي حڪم ڏنو وڃي ته دانيا خلاف ڪارروائي ڪري، پٽيشنر  موجب دانيا جي حرڪت سبب پاڪستاني عورتن جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو، معمولي تڪرار تان پنهنجي مڙس جون وڊيوز وائرل ڪندڙ دانيا کي سزا    ملڻ گھرجي