گانڌي نگر (م ڊ) سياستدانن کي ميڊيا تي اچڻ ۽ پنهنجي نمائش ڪرڻ جو شوق ته هوندو آهي پر ڀارتي وزيراعظم  جو پاڻ کي پڏائڻ جو شوق ايترو وڌي ويو آهي جو پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ به هو ڪئميرائن کانسواءِ نه ٿو وڃي. سوشل ميڊيا تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪيپشن ڏنو ويو آهي ته نريندر مودي پنهنجي ماءُ سان ملڻ ويو پر هو تيستائين پنهنجي ڪار مان نه لٿو جيستائين سندس ان چرپر کي ڪور ڪرڻ لاءِ فوٽو گرافر ۽ وڊيو گرافر گاڏي مان لهي کيس ڪور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. ٻئي طرف هن ڪالهه سڄو ڏينهن پنهنجي والده هيرا بين سان گڏ گذاريو ۽ سندس 100 هي سالگره ملهائي. هن پنهنجي بلاگ ۾ والده جو ذڪر ڪيو ۽ پهريون ڀيرو والد جي باري ۾ به ڳالهايو ۽ چيو ته جيڪڏهن منهنجو والد اڄ هجي ها ته اهو به گذريل هفتي 100 سالن جو ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته ماءُ ٻين جي گهر وڃي ٿانو ڌوئيندي هئي اما بابا اسر جو 4 وڳي اٿندا هئا. اڄ به امان منهنجو وات اگهندي آهي.