غوثپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، لاش مرده خاني ۾ پيل

0
140
غوثپور ڀرسان مبينا پوليس

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ڀرسان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جو لاش 10 ڪلاڪن کان مرده خاني ۾ پيل آھي، غوثپور ڀرسان مبينا مقابلي ۾ مارجي  ويل ڏوهاري جو لاش 10 ڪلاڪن  کان ڪنڌڪوٽ جي مرده خاني ۾ پيل آھي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ  ڳوٺ بصر اوڳاهي لاڙي وٽ  مقابلي دوران ڏوهاري گهنيو اوڳاهي  مارجي ويو هو،  مارجي ويل ڏوهاري 20 کان وڌيڪ  ڪيسن ۾ نامزد هو، مٿس سرڪار پاران  10لک روپيا انعام رکي هو

پوليس موجب  مارجي ويل ڏوهاري جو  ڪو به وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ  ناهي پهتو