دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جو ڊرينيج سسٽم چوڪ ٿيڻ سبب گٽر ۽ نالا اٿلڻ ڪري گندو پاڻي دادو شهر جي مک ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ ، سئنيما چوڪ ، سورج آباد پاڙي جي روڊن ، رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيهي ويو آهي ، ڊرينيج جو گندو پاڻي بيهڻ سبب اسٽيشن روڊ جي دڪاندارن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ، سورج آباد پاڙي ۾ مين نالو اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري گندو پاڻي محمد مراد ناڪو سميت ڪيترن روڊن ، رستن ۽ گهٽين ۾ بيهي ويو آهي ، سورج آباد سوشل اتحاد جي ممتاز چنو ۽ جاويد وگهيو جي اڳواڻي ۾ رهواسين سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته مين گٽر نالي جو اونهائي 8 ، فوٽ آهي ۽ 7 فوٽ لٽجي ويو آهي جنهن ڪري مين نالو اوور ٽاپ ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته مين نالي جي صفائي ڪرائي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.