سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ۾ پورهيت جا 5 ٻار پراسرار بيماري ۾ سبب اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، جڏهن ته سندن والدين علاج کان قاصر آهن. ان ڏس ۾ سجاول لڳ ڳوٺ مامون ڪنڊرا ۾ پورهيت ابراهيم ڪنڊرا جا پنج معصوم ٻارڙا 7 سالن جو عمران، 5 سالن جو امين، 4 سالن جي مينا، 3 سالن جي زبيده ۽ 1 سال جو عرفان گذريل ڪجهہ مهينن کان پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔ پورهيت ابراهيم ڪنڊرا پنهنجي اخبار کي ٻڌايو تہ منھنجي پنجن ئي ٻارڙن کي بخار ٿيو جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ ٿو وٺي۔ جنھن کان پوءِ سندن جسم تي نشان ظاهر ٿي پيا آهن جنھن ڪري ٻارڙا وڏي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن۔ ھن چيو تہ ٽي ٻارڙا نامعلوم مرض جي تڪليفن کي سهندي سهندي اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن۔ هن چيو تہ آئون غريب مسڪين ماڻهو آهيان سڄو ڏينهن مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ بہ مشڪل سان ڀريان ٿو، تنهن باوجود بہ پنهنجي بيمار ٻارن جو مون سرڪاري اسپتالن ۽ هتي جي مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو آهي پر سندن طبيعت ۾ سڌارو نہ پيو اچي ۽ ويتر سندن تڪليفن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔ هن چيو تہ مون وٽ ايتري پهچ ناهي جو آئون پنهنجي ٻچن جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وڏين اسپتالن مان علاج ڪرايان۔ ٻئي پاسي ڳوٺاڻن ٻڌايو تہ ست سئو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ٽن گڏيل ڳوٺن، روال ڪنڊرا، سانوڻ ڪنڊرا ۽ ڄاڻايل ڳوٺ مامون ڪنڊرا ۾ 2012ع ۾ ارڙي وگهي 12 ٻار فوت ٿي ويا هئا ۽ تازو زوردار برساتن ۾ پڻ چار ٻار ارڙي وگهي فوت ٿي ويا هئا۔ جنهن بعد صحت کاتي سجاول پاران هنن ڳوٺن ۾ ڏهن ڏينهن تائين طبي ڪيمپ قائم ڪري ڳوٺاڻن جو علاج ڪيو ويو هو پر ڳوٺاڻن جي ارڙي واري مرض مان جان آجي نہ ٿي سگهي آهي۔ ھنن چيو تہ ابراھيم ڪنڊرا جي ٻارڙن کي بہ ارڙي جو ئي اثر آھي۔ بيمار پنج ڀاء ڀينرن جي پيء ابراهيم ڪنڊرا ۽ ٻين ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪندي چيو آهي تہ پراسرار مرض ۾ مبتلا هنن ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي سٺو علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.