لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي پهرين عورت اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين چارج سنڀالڻ بعد منافعي خورن خلاف ڪارروائي لاءِ مڇي مارڪيٽ جو دورو ڪيو، جتي هن ريڙهي تي سبزيون، ڀاڄيون ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙن کان اگهه معلوم ڪيا،  واپارين پاران شهرين کان اضافي اگهه وٺڻ توڙي ريڙهين تي مارڪيٽ ڪاميٽي طرفان جاري ڪيل ريٽ لسٽ جي غير موجودگيءَ تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 7 واپارين مٿان 20 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لڳائي کين هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽ ڪاميٽي طرفان طئي ڪيل اگهن تي سبزيون، ڀاڄيون ۽ فروٽ وڪرو ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي مهانگي اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.