دادو ( رپورٽر ) دادو شهر ۾ برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ تي دادو بار جي ميمبر وڪيل غلام محمد پير هني ميونسپل ايڊمنسٽريٽر نثار احمد منگي کي ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي ، جنهن ۾ وڪيل پير هني ڄاڻايو آهي ته شهر جي صفائي لاءِ توهان کي 2 ڪروڙ 78 لک ماهوار بجيٽ ملي ٿي ، توهان وٽ 300 ، سينيٽري ملازم آهن ، صفائي لاءِ 3 ، ٽريڪٽر ٽراليون ، 25 لوڊر رڪشا ، سڪر ٽينڪ ۽ ٻي مشنري هوندي به سڄي شهر جي پاڙن، ڪالونين، بازارن، اسڪولن ۾ پاڻي بيٺل آهي، صفائي نه ٿيڻ ڪري سڄي شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير پيل آهن، شهري بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، بجيٽ ، سينيٽري ملازمن جي لسٽ ۽ مشنري جا انگ اکر پيش ڪيو ، ٻي صورت ۾ اوهانجي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ سان نيب ۽ اينٽي ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.