سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ هڪ مهينو اڳ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙو فوت، فوتين جو انگ 3 ٿي ويو، خبر موجب شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر  ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل ٻارڙن مان ڪالهه ٽيون ٻارڙو ساگر به زخمن جي سٽ نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، جنهن کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو آهي، ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ياد رهي ته ھڪ مھينو اڳ حسين آباد ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان 2 ٻارڙا ديپڪ ۽ رتن اڳ ئي فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪالهه ٽيون زخمي ٻارڙو به فوت ٿي ويو، فوتي ٻارڙو والدين جو اڪيلو پٽ ٻڌايو پيو وڃي،