دادو ( رپورٽر ) دادو شهر مان پاڻي نيڪال ڇو نه ٿو ٿئي ، سيشن جج دادو جي عدالت ۾ وڪيل مفيد ناريجو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر نثار احمد منگي ، پبلڪ هيلٿ انجنيئر عشرت پنهور ، مختيار ڪار دادو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ، جن عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته شهر مان پاڻي نيڪال ڪيو آهي، گٽرن جي صفائي ڪرائي پئي وڃي ، ڊسپوزل هلن پيا، جن جن روڊن تي پاڻي بيٺل هو اهو نيڪال ڪيو ويو آهي، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر جي اهڙي رپورٽ تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي کين ڇنڊ پٽيندي چيو ته هڪ هنڌان پاڻي نيڪال ڪيو ٿا ته وري ٻئي هنڌ بيهي ٿو، صفائي جا انتظام بهتر ناهن ، عدالت ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر کي حڪم ڏنو ته وڃي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرائي اهڙي رپورٽ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو