مٽياري(رپورٽر) مٽياري ضلعي اندر سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۾ تيزي اچي وئي اهي ۽  بچاءُ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي، جنهن ڪري هتان جي عوام ۾ خوف ڇانيل آهي. ان ڏس ۾ مٽياري ضلعي اندر ڀاڻوٺ، ڪلياڻ ۽ ٻين جاين تي پاڻي بچاءُ بند سان ٽڪرائجي ويو آهي، پر  آبپاشي کاتي جا عملدار منظر عام تان غائب ٿي ويا  آهن. ايس ايم بچاءُ بند سميت ضلعي ۾ بچاءُ بندن جي مرمت جو ڪم به شروع نه ٿي سگھيو آهي،  رهواسين جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهہ ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ تيزي اچي وئي اهي ۽  آبپاشي عملدار زمينداري بندن کي بچائڻ لڳا آهن، پاڻي بچاءُ بند سان ٽڪرائجي ويو آهي. ايس ايم بچاءُ بند جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ ڀڪون نه ڀرجي سگھيو هنن چيو ته بچاءُ بندن جي مرمت لاءِ ايندڙ لکين رپيا آفيسر ھڙپ ڪري وڃن پيا، وڏي نقصان جو خدشو آھي. ضلعي انتظاميه پاران بندن تي عام ماڻھن جي چرپر ۽ وھنجڻ تي پابندي باوجود بندن تي ماڻهن جي رش لڳل آهي، آبپاشي عملي جو چوڻ آهي ته پوليس موجود ناھي