ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ۾ سيف جي سهڪار سان هلندڙ ڊائمنڊ پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن برساتي پاڻي نيڪال ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف حسين بخش ميمڻ، عبدالستار تونيو، عبدالغفار جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نٽهڻ اُس ۾ اسڪول جي مُک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن چيو ته 11 سو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائڻ اچن ٿا، اسڪول ڏانهن ايندڙ سڀني رستن تي برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا. هنن چيو ته ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ ٽائون انتظاميا کي صفائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ ناهي ٿي سگهيو.سياسي سفارش تي ترقياتي ڪم ۽ صفائي ڪرائي وڃي ٿي.