دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي گلزار ڪالوني ۾ ٻن ٻارن جي ماء فرحانه عرف ببلي زال اسد علي ابڙو پر اسرار واقعي ۾ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي وئي آهي، اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش  پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ ماٽم لاء دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو، جتي مجهند جو فرحانه عرب ببلي جي لاش جو پوسٽ ماٽم ڪيو ويو، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ فرحانه کي هڪ گولي سيني ۾ ۽ ٻي گولي ڪک ۾ لڳل آهن، سيني واري گولي جسم کان آر پار ٿيل آهي.  پوسٽ کانپوء لاش سهري حوالي ڪيو ويو آهي، فرحانه جي سهري امام بخش ابڙو ٻڌايو ته پاڙي ۾ چور داخل ٿيا هئا جن فائرنگ ڪئي جن مان ٻه گوليون سندس ننهن کي لڳيون جنهن سبب موقعي تي فوت ٿي وئي، فرحانه جي سهري واضح ڪيو ته چور سندن گهر ۾ داخل نه ٿيا هئا ٻاهران گوليون لڳيون آهن. ڪنهن سان به دشمني ناهي، اي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته عورت کي ساڍي 3 وڳي ڌاري لڳيون آهن ۽ اسان کي صبح جو اطلاع مليو ، ايتري دير سان اطلاع ڪيو ويو مٿان وارثن جي بيانن ۾ تضاد آهي ، جاچ ڪيون پيا ، گلزار ڪالوني جي رهواسين جو چوڻ آهي ته فرحانه کي قتل ڪيو ويو آهي هوڏانهن واقعي بابت اي سيڪشن پوليس جي هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو ته ٻاهر ٿيندڙ فائرنگ جون گوليون گهر ۾ اندر لڳڻ ممڪن نه آهن، گولي ڀت به ڪراس نه ڪري سگهندي ته فرحانه کي سيني ۽ ڪک ۾ گوليون ڪئين لڳيون، پوسٽ ماٽم ۾ شامل هڪ ذميوارميڊيڪل آفيسر ٻڌايو ته فرحانه کي سيني ۾ لڳل گولي پٺيان ڪراس ٿيل آهي، ويجهو کان لڳندڙ گولي ڪراس ٿيندي آهي. ٻئي پاسي پوسٽ ماٽم دوران مقتولا جي مڙس اسد کي گهرائڻ جو چيو پر وارثن ٻڌايو ته اسد ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي، جيڪو رستي ۾ آهي. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي واقعي جي جاچ ڪيون پيا، عورت جي سهري ۽ ماسي جا بيان ورتا آهن ، مالڪ ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.