حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ دادو ضلعي جي ٽن اميدوارن کي ماستري جا آرڊر نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي اڄ سيڪريٽري تعليم کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته عدالت کي مذاق سمجهيو ويو آهي. اڄ جيڪڏهن ڊي اي او تعليم دادو پيش نه ٿيو ته ايس ايس پي کي چيو ويندو ته کيس گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪندو. دادو واسين غلام حسين خاصخيلي، مظفر ڪنڀار ۽ عبدالحليم سولنگي وڪيل محمد سچل اعواڻ معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي ته انهن 2013ع دوران اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي پر کين اڃا تائين نوڪريون ناهن مليون. 2020ع دوران لاڳاپيل عدالت تعليم کاتي کي مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي به عمل ناهي ٿي سگهيو. وڪيل ٻڌايو ته هلندڙ مهيني عدالت 3 نومبر 2022ع تي عملدارن هڪ اميدوار غلام حسين خاصخيلي کي ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان کي به نوڪري ناهي ڏني وئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تعليم کاتي جي عملدار کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته لڳي ٿو اوهان کي جيل موڪلڻو پوندو ۽ ڊي اي او تعليم جا وارنٽ جاري ڪيون جنهن بعد اوهان عدالتي حڪم تي عمل ڪندا. عملدار ٻڌايو ته انهن ڊي آر سي وارو مرحلو مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. مهلت ڏني وڃي. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته اوهان کي آفيسن ۾ رڳو پئسن وارا فائل گهرجن، باقي عدالتي حڪم نظر نه ٿا اچن. هاڻي جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته اوهان جي ڊي اي او کي به جيل اماڻيو ويندو ڀلي اوستائين جيل ۾ رهي جيستائين اميدوارن کي آرڊر نه ملندا.