دادو (رپورٽر ) دادو ۾ آءِ بي اي جي نون ڀرتي ڪيل 3 هزار کان وڌيڪ استادن کي 9 مهينن کان پگهارون نه ڏيڻ خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي  چوٿين ڏينهن تي پڻ امتياز لنڊ ، عنايت علي جمالي ، امان الله هنڱورو ۽ وسيم کوکر جي اڳواڻي ۾   پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيوته ڊيوٽي ڪرڻ باوجود 9 مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن ، جنهن سبب استاد معاشي بحران جي ور چڙهي ويا آهن ،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون ڏئي مسئلا حل ڪيا وڃن.