لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ويز ورڪرس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ امپلائيز يونين (سي بي اي) جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ليبر هال کان ريلي ڪڍي انجنيئر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن غلام قادر اهير، دلشاد ڇڇڙو، اياز حسين اهير، بشير احمد، جاويد ڇڄڙو، نواز ملگاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هاءِ ويز جي ننڍي ملازمن جا جائز مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن، هنن چيو ته هاءِ ويز جا سي بي اي يونين سان لکت ۾ معاهدا ٿيل آهن پر ان جي باوجود آفيسر شاهي ڪو به عمل نه پئي ڪري، هنن چيو ته ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته آفيسرن جي آفيسن ۾ گهٽ ويهڻ سبب ملازمن جا ڪم رولڙي جو شڪار آهن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي سن ڪوٽا تي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏئي پگهارن ۾ 100سيڪڙو الائونس ڏئي ملازمن کي مهانگائي ۾ بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.