پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان جھانگي ڳوٺ تي چئن ٿاڻن جي پوليس اٽالي جي چڙھائي، مبينا طور نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پريالوءِ پوليس مبينا طور هڪ ھفتو اڳ جھانگي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري مرتضيٰ ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو. وارثن پريالوءِ پريس ڪلب تي پھچي پوليس خلاف دانهيندي ٻڌايو ته پريالوءِ پوليس ھفتو اڳ جهانگي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گھر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ بعد نوجوان کي کنڀي کڻي وئي. ايس ايچ او پريالوءِ نوجوان جي بازيابي عيوض رشوت طلب ڪري رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او پريالوءِ تي سخت ايڪشن کڻي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.