دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ شير محمد سولنگي جو رهواسي پورهيت 25 سالن جو فتح محمد سولنگي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌ ڪوٽ مان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، ان حوالي سان مغوي پورهيت جي امڙ نوابزادي سولنگي شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائيندي ٻڌايو ته پٽ فتح محمد ڪراچي ۾ مل تي مزدوري ڪندو آهي، 24 اپريل تي ڪراچي کان واپس گهر آيو ۽ 25 اپريل تي اهو چئي سکر وڃڻ لاءِ گهران نڪتو ته مل ۾ ساڻس گڏ سکر جو دوست ڪم ڪندو آهي، ان جي ماءُ وفات ڪري وئي آهي جنهن سان تعزيت لاءِ سکر وڃان ٿو، جنهن بعد 3 ڏينهن سندس موبائيل بند پيل هو ۽ 2 ڏينهن اڳ پٽ پنهنجي نمبر تان ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته کيس ڪنڌ ڪوٽ مان هٿياربندن اغوا ڪيو آهي، جيڪي کيس مارڪٽ ڪن ٿا ۽ ڇڏڻ لاءِ 10 لک رپيا ڀنگ گهري رهيا آهن، پيرسن عورت چيو ته اسان غريب آهيون، ڀنگ نه ٿا ڀري سگهون، نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.