والاريل القدس(م ڊ) اسرائيل جي ميزائل ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ زوردار ڌماڪا ٿيا آهن جن تي ايراني ميڊيا خوشي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽن موجب اسرائيل جي علائقي راملي ۾ واقع ميزائل ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ ميزائل جي تجربي دوران زوردار ڌماڪا ٿيا پر حڪومت انهن جي ڪا وضاحت جاري ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪمپني ڪي تفصيل پڌرا ڪيا آهن. ايراني ميڊيا اها خبر نشر ڪندي ان ڌماڪي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.