اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت جي ايس پي پلس بابت يورپي يونين جي قرارداد کي پاڻ رد ڪرڻ کان پاسو ڪندي پنهنجي خاص مددگار وسيلي چيو آهي ته مذهبي پارٽين رپورٽ رد ڪئي آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 7 مهينن دوران مذهب جي توهين وارو قانون هڪ ڀيرو به غلط استعمال نه ڪيو ويو آهي. مذهبي هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار مولانا طاهر اشرفي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسان جي ملڪ جي سمورن مذهبي طبقن جي ماڻهن سان صلاح مصلحت ٿي آهي انهن يورپي پارليامينٽ جي قرار داد کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهين مذهب وارو قانون غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سمورن مڪتب فڪر جي ماڻهن ۽ اڳواڻن ان ٺهراءُ کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو توهين رسالت ۽ توهين مذهب وارو قانون گذريل ستن مهينن دوران ڪو هڪ واقعو رپورٽ نه ٿيو آهي جنهن ۾ هن قانون جو غلط استعمال ڪيو ويو هجي.