لنڊن(م ڊ) جي ايس پي جا يورپي يونين ۾ 3 درجا آهن، جي ايس پي، جي ايس پي پلس ۽ ايوري ٿنگ بٽ آرمز (هٿيارن کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه). جي ايس پي پلس ۾ امپورٽ ڊيوٽي زيرو ڪئي ويندي آهي. پر ان درجي جا ڪجهه شرط به آهن، اهڙي ملڪ کي انساني حقن، مزدورن جي حقن، ماحوليات جي تحفظ ۽ طرز حڪمراني ۾ بهتري سميت 27 عالمي معاهدا لاڳو ڪرڻا پوندا آهن. نواز دور ۾ اهو درجو مليو ۽ ان تي عمل پهرين جنوري 2014ع کان شروع ٿيو. پشاور ۾ اي پي ايس واقعي بعد دهشتگردن کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته يورپي يونين ان تي اعتراض ڪيا هئا. جڏهن ته توهين مذهب واري قانون کي غلط استعمال ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو.