دادو (رپورٽر) دادو شهر جي نوراني چوڪ وٽ اٽي، ڪٽي، ڏاري جي دڪان ۾ گٽر جو پاڻي بيهڻ سبب دڪان ۾ پيل 2 کان اڍائي لک رپين جو اٽو ، ڪڻڪ جو ڏارو ۽ ڪٽي ضايع ٿي وئي، ان ڏس ۾ دڪاندار نثار سولنگي ماءُ مسمات فاطمه سان گڏ پريس  ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  شهر جي مک نوراني چوڪ وٽ منهنجي دڪان ۾ گٽر ۽ نالي جو پاڻي بيهي ويو آهي، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڏڻ لاءِ تيار ناهي،  دانهڻ تي ميونسپل انتظاميا منهنجي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي جهيڙي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.