ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر جي صفائي ڪندڙ اداري ٽائون ڪاميٽي آفيس به گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي وئي، ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب ملازمن کي سخت پريشاني ٿي رهي آهي، جنهن سبب ملازمن آفيس ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ ڊرينيج ۽ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب آفيس ۾ ايندڙ شهرين توڙي ملازمن کي تڪليفون پيش اچن ٿيون، تازو پيل برساتون رڪجڻ کي 5 ڏينهن گذرڻ  باوجود به ٽائون انتظاميه پنهنجي ئي آفيس کي صاف نه ڪري سگهي  آهي، جڏهن ته صفائي لاءِ  ورتل 5 لوڊر رڪشا به ناڪاره بڻجي ويا آهن، جيڪي ٽائر نڪتل رڪشا نٽهڻ اس ۾ سڙڻ لڳا آهي پر ٽائون انتظاميه خاموش آهي. ٻئي طرف ٽائون آفيس جي سامهون پبلڪ پارڪ ۾ به ٽي فوٽ ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن پبلڪ پارڪ ۾ بوبڪ، ٽلٽي،منڇر ڍنڍ سميت ٻين ڳوٺن کان ايندڙ مسافر گاڏين لاءِ انتظار ڪندا آهن پر 3 فوٽ پاڻي بيٺل هجڻ سبب مسافرن کي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هوڏانهن شهر جي مختلف پاڙن ۽ محلن ۾ به گندو پاڻي بيٺل آهي، اسپتال جي سامهون ڊرينيج نالي جو پاڻي بيٺل آهي،جڏهن ته چنا پاڙي، مينگل محلا، نوناري محلا، سخي سيد سليمان شاهه ڪالوني، مهراڻ ڪالوني، شيخ ڀان ۾ به گهٽين ۾ گندو پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، رهواسين وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي صفائي ڪرائي پاڻي نيڪالي ڪرايو وڃي